اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون 2024ع جي نتيجن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته چونڊون مجموعي آ??اداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن، اسان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون، مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، ان قدم جو ڪو ٻيو سياسي مقصد نه هو. ٽي آ?? ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگ??ان وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقتدار سونپڻ جو اختيار پارليامينٽ جو آهي، اتي جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو. چونڊن لاءِ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي بندش جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عام چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا ٿيا جنهن جو مقصد جمهوري عمل کي متاثر ڪرڻ هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان به اهڙا اطلاع هئا ته هي سلسلو صرف ٻن صوبن تائين محدود نه رهندو، اسان جو ڪم عوا?? کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ هو. اسان پنهنجي عوام جي جانين کي خطري ۾ نٿي وجهي سگهياسين، مواصلاتي بندش جو مقصد دهشتگردن کي انهن جي مڪروه مقصدن کان پري رکڻ هو. ان جو مقصد ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه هئي. هن قدم سان عوا?? کي پرامن طور پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر آيو ۽ ان بنا خوف ۽ خطري جي آ??اداڻي ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پاڪستان جو عوام بهادر ۽ پُرعزم آهي، هن چيو ته وڌل ووٽن جي حتمي انگن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ ٻاهر نڪتو. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن هي ٽرن آئوٽ 40 کان 50 سيڪڙو پهچي ٿو. هن چيو ته نتيجن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عام چونڊون مجموعي چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2002ع کانپوءِ سياسي ۽ جمهوري طور جيڪا تبديلي آ??ي اها پارليامينٽ مان ئي آ??ي، عم??ان خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ به فلور آف دي هائوس مان ٿي. اهڙي جمهوري سرگرمين کي ڪنهن مداخلت سان جو??ي نٿو سگهجي?? هي جمهوري عمل جو حصو آهي ان تي تنقيد صحيح نه آهي.