اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وڌي ويو آهي، ٻهراڙي ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو رهن ٿا، اس??تا??ن جو انگ رڳو 1284 ۽ بنيادي ص??ت مرڪزن جو انگ 5520 آهي، ملڪ ۾ ماڻهن جي سرا??ري عمر 67.3 سال رهجي وئي. قومي اقتصادي سروي موجب سرڪاري ش??بي جي ترقياتي پروگرام تحت پبلڪ هيلٿ جي لاءِ 25.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. اس??تا??ن جو انگ 1284، بنيادي ص??ت مرڪزن جو انگ 5520 رڪارڊ ڪيو ويو. 2022ع ۾ سرا??ري عمر 67.3 سال هئي، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 2 لک 99 هزار 113 آهي. قومي اقتصادي سروي موجب 2023ع ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 15 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ 14 ڪروڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو ۽ شهري علائقن ۾ 9 ڪروڙ 37 لک 50 هزار ماڻهو رهن.