اسلام آباد – 08 – ??ولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ع??دا??ستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ع??دا??ستار ايڌي سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ع??دا??ستار ايڌي جي پاڪستان ۽ انسانيت جي لاءِ بي مثال خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ع??دا??ستار ايڌي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي انسان دوست شخصيت هئي، هن سماجي خدمتن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ نسل، مذهب، سماجي حيثيت سميت سمورن فرقن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت ڪئي. صدر چيو ته ع??دا??ستار ايڌي بي لوث ??ذبي سان سڄي ملڪ ۾ اسپتالن، يت??م خانن، پناهگاهن ۽ بحالي جي مرڪزن جو بنياد رکيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ع??دا??ستار ايڌي جي مغفرت ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.