اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ??نجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئي آهي ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ??ي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي ??وڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ??ي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال مڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال وانگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي ??وڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل ??هي ته جيئن ??هو پيغام وڃي ته ڪشمير ??ي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئي ويندي.