اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت ??ي انهن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايران جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستان جي قونصلر کي و??قعي و??ري هنڌ پهچڻ ۽ صو??تحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏ??ي و??ي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فو?? ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صو??ي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي و??ارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميتن جي و??ن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته تهران ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر تهران ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمين جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.