اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن ل??ءِ ناڻي واري وزير ??و ص??اح??ار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب ص??اح??ار اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن جي عهدي تي مقرريءَ جو خواهشمند اميدوارن کان 9 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. اميدوارن کي عهدي لاءِ نيشنل جاپ پورٽل ذر??عي آن ل??ئن درخواست ڏيڻي پوندي. ڪامياب اميدوار کي اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيل ون جي برابر پگهار ڏني ويندي. اڪنامڪ اينڊ فنانشل ريفارمز يونٽ ۾ مقرري جي مدت 2 سال مقرر ڪئي وئي آهي. ص??اح??ار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت فنانس، اڪنامڪس يا لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري مقرر ڪئي وئي آهي. شارٽ لسٽڊ اميدوارن کي طئي ٿيل قاعدن موجب انٽرويو لاءِ گُهرايو ويندو. ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪندڙ ص??اح??ار کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي واڌ ملي سگهي ٿي.