اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ??هي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 2 خوارج کي جهنم واصل ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صد?? آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي بهادري تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪ??و ۽ چيو ??ه قوم جي مدد سان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ق??م کنيا ويندا، قوم کي پنهنجي جانباز جوانن تي فخر آهي جيڪي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهن.