اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آ??ي. ??سان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني ع??ام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيراعظم ??يو ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جا?? جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آ??ي. ??سان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.