اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ايران سا?? واپار، سلامتي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پا??ستان جي عوام ايراني عوام سا?? تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ اي??ان صدر ۾ ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغدم سان م??اقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پا??ستان ۽ ايران ڪي??رن ئي عالمي ۽ علائقائي فورمز جا فعال ميمبر رهيا آهن. ٻنهي ملڪن سا?? گڏوگڏ وسيع تر خطي سا?? رابطي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موجوده تعاون جي حقيقي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ايراني سفير ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پا??ستان گذريل سا?? ايران جو پنجون وڏو واپاري حصيدار هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي موجوده ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خطي جي غيرمستحڪم صورتحال تي خيالن جي مٽاسٽا ڪندي سفير چيو ته اسان لبنان ۽ غزه ۾ نسل ڪشي جا واقعا ڏسي رهيا آهيون. هن 7 آڪٽوبر 2024ع تي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) منعقد ڪرڻ تي پا??ستان حڪومت کي ساراهيو ۽ وڌيڪ چيو ته اهو اسان جي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ڪرڻ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ ماڊل جو ڪم ڪري سگهي ٿو. وقتي صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پا??ستان فلسطين ڪاز جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي. وقتي صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سميت عوامي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. آخر ۾ وقتي صدر هر سا?? ايراني مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ پا??ستاني زائرين کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ايراني حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن پا??ستاني زائرين جي روحاني سفر دوران ايراني عوام جي گهري محبت ۽ لڳاءُ جو اعتراف ڪيو.