اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ تي تحقيق واري منصوبي ??اءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معاملن وار?? سيڪريٽري ڊاڪٽر ??اظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي ??اءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ م??مل ڪيو ويندو جنهن سان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.