اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اج??اس منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهتر انتظام ڪيا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، هڪ سياسي پارٽي ا??تجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ??يو??ٽ جي موقعي تي ا??تجاج هاڪاري پيغام ناهي، پي ٽي آءِ کي ا??تجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ به ساڻس گڏ هو. ان کا?? پهرين ايس سي او ??ربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي قيادت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايس سي او ??ربراهه اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان لاءِ تيار آهي، ايس سي او اج??اس ۾ ميمبر ۽ مبصر ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، ڀارت جو پرڏيهي وزير به ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کا?? پوءِ پاڪستان وڏي عالمي ??يو??ٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شاندار ميزباني جي ذميداري ا??سن طريقي سان انجام ڏيندو. هن چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ٻه طرفي ملاقات لاءِ ڪا به درخواست ناهي ملي. ايس سي او ??يڪريٽري جنرل ميڊيا کي ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏيندو. اسحاق ڊار چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس سي او ??ي تيارين ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏين، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ به چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو هو، ۽ اها ئي پارٽي ا??تجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ??يو??ٽ جي موقعي تي ا??تجاج هاڪاري پيغام ناهي، اهم موقعي تي ا??تجاج هڪ سياسي پارٽي کي نٿو سونهين، ملڪي مفاد ۾ پي ٽي آءِ کي 15 آڪٽوبر جي ا??تجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، غلطيون ورجائڻ بجاءِ هي ماڻهو پنهنجي ا??لاح ڪن. نائب وزيراعظم چيو ته 2021ع کا?? افغانستان ايس سي او اج??اسن ۾ شريڪ ناهي ٿيو، ايس سي او اج??اس جي ڪوريج لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جا انتظام ساراهه جوڳا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي. اسحاق ڊار چيوته پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلائپ وارا مفروضا ختم ٿي ويا، ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سعودي وفد جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي ا??اگر ڪيو آهي، ۽ فلسطينين لاءِ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.