اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آه?? ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آه??. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آه?? ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو ز??داري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آه??. هن چيو ته م??ثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو ز??داري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آه??، ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آه??، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پارليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته م??ڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پارٽيون تحسين لائق آه??.