اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ??ميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ??ان آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حا??ل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وي آن گروپ جي 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گروپ جي چيئرمين آئوگي ڪي فيبيلا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٽيلي ??ميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جي هدف کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ڏورانهين علائقن ۾ به تيز ترين انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيز ترين ۽ قابل اعتماد انٽرنيٽ سروس جي لاءِ فائيو جي انٽرنيٽ جون سروسز متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. فائيو جي سروس جي ڪري ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن کي حا??ل ڪرڻ ممڪن ??ي سگهندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪيش ليس ۽ ڊيجيٽل معيشت جي فروغ جي حوالي سان ??يلي ??ام سيڪٽر جي ڪردار کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته وي آن جو ذيلي ادارو جيز گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ??ميونيڪشن ۽ فنانس ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت جي فروغ جي حوالي سان ??ي آن گروپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. وفد ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ??ام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ??ڪ اهم ملڪ بڻجي چڪو آهي. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ??ام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.