اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ت?? سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب ??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن س??مان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ ت?? سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي اطمي??ان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ ت?? سعودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن س??مان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن س??مان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.