راولپنڊي- 22 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپ??يش?? دوران 3 انتهائي گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپ??يش?? ڪيو. آپ??يش?? دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجي جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خوارج مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ??يو. مارجي ويل خوارجي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيتر??ن ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهجي ويل خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپ??يش?? جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب 20 کان 22 نومبر 2024ع دوران بلوچستان ۾ ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. آواران ۾ آپ??يش?? ۾ انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي آپ??يش?? دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي دهشتگرد هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا جن جي سڃاڻپ نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهه جهان طور ٿي. ڊيره بگٽي ۾ آپ??يش?? دوران هڪ دهشتگرد کي ماريو ??يو. ڪيچ ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپيرشن دوران هڪ ٻئي دهشتگرد کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بي گناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.