لاهور – 27 نومبر (اي پي پي ) مشهور افسانه نگار بانو قدسيه جو 96 هون جنم ڏينهن 28 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. راجه گدهه جهڙي شاهڪار ناول جي ليکڪه بانو قدسيه 28 نومبر 1928ع ??ي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پيدا ٿي ۽ هندستان جي ورهاڱي بعد لاهور اچي وئي. اردو ادب سان تمام گهڻي لڳاءَ سبب هن ار??و ۾ ڪيترائي ناول لکيا جنهن ۾ راجه گدهه ۽ امر بيل ايترا ته گهڻا مشهور ٿيا جو سندس نالو بهترين ناول نگارن ۾ شامل ٿ?? ويو. بانو قدسيه اسٽيج شو ۽ ٽيل?? ويزن لاءِ پڻ پنجابي ۽ اردو زبان ۾ ڊرامه اسڪرپٽ لکندي هئي. سندس پهترين لکڻي ۽ ادب ۾ بهترين ڪارڪردگي تي 1983ع ۾ پاڪستان حڪومت طرفان کيس هلال امتياز ۽ 2010 ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. جڏهن ته هن 2012ع ۾ ڪمال فن ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو. بانو قدسيه شديد بيماري سبب 4 فيبروري 2017ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.