اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چي?? آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اهڙي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيشيا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ۽ تعاون جي جذبي تحت ??مداد جي فراهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چي?? ته مان سندس اهڙي فراخدلي تي سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.