اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئر مين محسن نقوي قذ??في اسٽيڊيم ۾ جاري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جو مجم??عي طور تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اسٽرڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ته انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته تماشائين جي سيٽن لاءِ اسٽرڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي سي بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل جاري ڪم جو جائزو ورتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گرل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذ??في اسٽيڊيم جي نئين س?? تعمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آڪٽوبر تي قذ??في اسٽيڊيم جي نئين س?? تعمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي وئي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ انتهائي تيز ?? اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم جاري آهي.