اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ??ي مڪمل صلاحيت کي کولڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب ا??ٽا?? لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي ??والي سان مملڪتي وزير جي ??دارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ ا??ٽا?? لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چي??رمين پاڪستان اسپيس ايڪٽيوٽي ريگيوليٽري بورڊ عامر سرفراز احمد، چي??رمين اسپارڪو محمد يوسف خان، چي??رمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽيليڪام جي ميمبر جهانزيب رح??م ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهو ف??صلو ڪيو ويو ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ فني جدت کي اڳيان وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.