اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم ا??خط آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ڏسڻ کان محروم (معزورن) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لوئي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حادثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي بريل اها رسم ا??خط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن ب??ران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي بريل ان رسم ا??خط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏ??نهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.