اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ??اڪستان علائقائي هم آهنگي جي پيروي ڪ??ي رهيو آهي ۽ 46 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري واري پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن جو مقصد پ??ري خطي ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ آهي. هن اها ڳالهه عالمي واپاري تنظيم (ڊبليو ٽي او) جي ڊائريڪٽر جنرل ربرٽو ايزي ويدو سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ وسيع تر اضافي ۽ علائقي جي ڪ??وڙين عوام جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ بي پناهه صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم واپار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??اڪستان گلوبل سپلائي چين ۾ ڀرپور هم آهنگي حاصل ڪرڻ لاءِ واپار بابت پنهنجي قانونن کي هم آهنگ بڻائي رهيو آهي. پاڪستان ڊبليو ٽي او سان پنهنجي حصيداري وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ عالمي چٽاڀيٽي جي واپاري تصورن جي آجيان ڪري ٿو.