اسلام آباد -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دع??ت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ انادولو گروپ جي وفد سان ملاقات ۾ ??ئي. وفد جي قيادت ڪوڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪر??م ياحي ڪر?? رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽجي آفيسر ايتلايرليڪايا ۽ ٻيا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراعظم انادولو گروپ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراعظم انادولو گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي دع??ت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.