اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳ??ڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارم??شن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگارن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي سان ماضي جي غلطين ما?? سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.