اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورو??ا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوب?? جي مشا??رت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ميمبر?? جي تجويز?? جي آجيان ڪنداسين ۽ قومي معاملن تي انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا م??ا??رت سان ڪيا وڃن ٿا، ڪورو??ا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او آءِ سي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورو??ا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورو??ا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.