اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي پاليسي جا ثمر ??ام??ون اچڻ لڳا آهن، گڏيل قومن سميت عالمي برادري ڀارت جي قدمن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪيون وڃن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، غيرانساني لاڪ ڊائون فوري ختم ڪيو وڃي، خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سياسي قيدين کي آزاد ??يو وڃي. سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳا??هائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا وبا کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.