اسلام آباد – 02 – مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي شاهي خاندان جي ميمبر ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيت شيخ طحنون بن محمد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي ??ي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون نيڪ خواهشون ۽ دعائون گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ شيخ طحنون بن محمد النهيان جي ڪردار کي ڊگهي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. الهه تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.