اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان ايران جي عوام ۽ حڪومت لاءِ هم??ردي ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو. وزيراعظم فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حادثي ?? زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي هن گه??ي ۾ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سا??يٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ايراني صدر ۽ ايران جي عوام سان ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي سبب ٿيل قيمتي جانين جي نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي ز??مي ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جون هم??رديون ۽ دعائون متاثڙ ماڻهن جي وارثن سان آهن. پاڪستان مشڪل جي هن گه??ي ۾ پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.