اسلام آباد – 29 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملاقات ڪئ?? آهي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ خاص ط??ر تي آن لائن تعليم، شاگردن کي ديني تعليم ۽ سائنسي علم طرف راغب ڪرڻ ۽ جديد تعليم جي حوالي سان بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ج?? حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان شاگردن کي سيرت النبي صه ۽ پاڻ ??ه جي حيات طيبه جي روشن رخن، صحابه ڪرام رضه ۽ اسلامي تاريخ جي روشن باب کان روشناس ڪرائڻ ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن.