اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي ??خت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ ??ي 25 ساله صفيره ??خت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ترجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آ??ٽل??ي، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو بڻائي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عا??مي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.