اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچس??ان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ??ه هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتس??ان ۽ خيبرپختونخوا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي ع??ائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگاهن ??و تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن ??ي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل سال آگسٽ ۾ وزيراعظم غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگاهن ??ي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو و??و ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو جنهن ??حت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن ??ي معيار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، غربت جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪ??و ۽ پاڪس??ان بيت المال کي ان تي ع??لدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.