اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب لاهور ۾ عارف نظامي جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته ع??رف نظامي صحافت جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو، هو مجيد نظامي جي مشن کي اڳتي وڌائيندو رهيو. هن چيو ته ع??رف نظامي جي بلند درجن ۽ مغفرت جي لاءِ دعا ڪريون ٿا، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ نظامي خاندان سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ع??رف نظامي جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ عارف نظامي جي مغفرت فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.