اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضلعي ڪُرم ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ڳالهائيندي انهن سان همدردي ۽ تعزيت جو ??ظهار ??يو آهي. ايوان صدر جي پري?? ونگ مان جاري بيان موجب صدر شهيدن جي وارثن سان ٽليفونڪ رابطو ڪيو. صدر ڪيپٽن باسط علي ۽ سپاهي حضرت بلال جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان همدردي جو ??ظهار ڪيو. صدر پسني ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن عفان مسعود جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ??يو ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.