اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڊينمارڪ جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ سموري افغان عوام جي تحفظ، سلامتي ۽ ح??اظ?? کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم افغانستان مان سف??رت?? اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن ??ي عملي ۽ ٻين جي افغانستان مان نڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم افغانستان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.