دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزير??عظ?? عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزير??عظ?? لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي ??با دوران چين پاران پاڪستان سان تعاون کي ساراهيو. وزير??عظ?? چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزير??عظ?? چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لا??ِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تعاون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لا??ِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزير??عظ?? چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچس??ي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.