اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي ڇو ته اسان ??ي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ ع??يم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪنهن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان ??نهن جي توانائين کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد عثمان ڊار وزيراعظم کي ڪا??يا?? جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائين 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪا??يا?? جوان ??سڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪا??يا?? جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 ??دم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. انهن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪا??يا?? جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪا??يا?? جوان ??نوويشن ليگ، ڪا??يا?? جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪا??يا?? جوان ??سپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽس گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ??دم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.