اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪ چين حصيداري بين الرياستي لاڳاپن ۾ بي مثال آه??، اڻٿڪ گڏيل حمايت، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي اسان جي دوستي جي تاريخ منفرد حيثيت رکي ٿي جنهن کي گذريل 7 ڏهاڪن کان نسل درنسل اسان جي قيادت ۽ عوام مسلسل پروان چاڙهيو آه??، اهو گڏيل ڀائيچارو هڪ مضبوط ۽ فعال سدابهار تزويراتي مددگار حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آه??. اها ڳالهه هن ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته اسان جا رابطا عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي جي لاهن چاڙهن کان قطعي نظر آزمايل ۽ هر وقت آه??. گذريل سال اسان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائڻ لاءِ عظيم الشان تقريبن اسان جي دوستي کي نئين قوت ۽ ولولو ڏنو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي لاءِ چين سان لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آه??، جنهن کي سياسي حمايت حاصل آه?? ۽ آئون اها ڳالهه پوري اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته اسان جي عوام ان دوستي جي حقيقي قدر جو ڀرپور ادراڪ رکي ٿي ۽ ان جي وڌيڪ فروغ لاءِ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم عمران خان چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سرمائ?? ا??لمپڪ گيمز ج?? ا??تتاحي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. هو پاڻ هڪ رانديگر هجڻ جي ناط?? ا?? جذبي کي سمجهي ٿو جيڪو هڪ قوم ۾ اولمپڪس جهڙين راندين جي مقابلي سان پيدا ٿئي ٿو، آئون سمجهان ٿو ته رانديون يڪجهتي جو عنصر هونديون آه?? ۽ اهي سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجن. وزيراعظم ان وڏ?? ا??ونٽ جي ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن جي صحت ۽ تحفظ ۽ ڪامياب راندين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??ها?? ڪيو.