اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته سنڌ هائوس کي نيلام گهر بڻايو ويو آ??ي، مسٽر فراڊيا جمع آهن، چوري، لُٽ مار جو پئسو انهن ماڻهن وٽ هو، سينيٽ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪيا پئ?? ويا، وڊيو به موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ واضح آهي ته ڪنهن ووٽر کي پئسن جي ذريعي خريد نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن وٽ موقعو اچ?? ويو آ??ي ته هو ا?? جو خاتمو ڪري سگهي. اهڙن خيال?? جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران قانون ۽ انصاف ??اري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت 2000 ارب کڻي وئي پر ڪٿي استعمال ٿيا ا?? جو پتو ئي نه آهي، جيڪي ڪائونسلر نه پئي بڻجي سگهيا، اهي ٽڪيٽ جي لاءِ عمران خان جي پيرن ۾ ويٺل هئا، اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪيس جو به فيصلو ڪري ۽ ووٽ جي خريد ۽ وڪري کي فوري طور تي روڪي، اسان ايبسلوٽلي ناٽ چئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو، ا?? جو نتيجو ڀوڳڻ جي لاءِ تيار آهيون، ڪپتان ڄمي مقابلو ڪندو، ڪنهن قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو ۽ نه ئي ڪمپرومائيز ڪندو، مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڀ چور هڪ طرف ۽ عمران خان جي سامهون ڄمي بيٺل آهي، جڏهن ڪو اتحاد ٺهندو آ??ي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آ??ي، اسان پاڪستان جي جمهوريت کي نيلام گهر بڻجڻ نه ڏينداسين، ڀرپور مزاحمت ڪنداسين ۽ رڪاوٽ بڻجي بيهنداسين، آرٽيڪل 63 اي واضح آهي، قانون ان لاءِ ٺاهيو ويندو آ??ي ته ا?? جو خوف هجي، ماڻهو قانون نه ٽوڙين، جيڪڏهن انهن جا ضمير ايترا جاڳ?? ويا آهن ته نيلام گهر کان ٻاهر نڪرن ۽ ٻيهر اليڪشن وڙهي ڏسي وٺن ته انهن سان ڪيتري عوام آهي، ان موقعي تي قانون ۽ انصاف ??اري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سامهون جيڪو ڪيس آهي اهو عام نه آهي، هڪ تاريخ لکي رهيو آ??ي ۽ ضمير فروشي جو اهو عمل عوام جي سامهون پهريون ڀيرو ته ناهي آيو، اليڪشن ڪميشن اسان آئيني ادارن، عوام جي ووٽ ۽ جمهوري عمل جو محافظ آهي، گيلاني جي وڪيل هاڻي اهو ٻڌايو آ??ي ته وڊيو جيڪا سامهون آئي اها اسان جي نه هئي، اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته هي اهم موڙ آهي، آئيني اداري کي ڪنهن ڪم جي لاءِ ٺاهيو ويو آ??ي، هي موقعو آ??ي ته پارليامينٽ ميمبر ضمير وڪڻندا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي کين سزا ڏني وڃي.