اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي عظيم ڪاميابي آهي جو ان کي رڳو ٽن مهينن ۾ ٻيو ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وار?? ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلا بحث هيٺ آهن، شرڪت ڪندڙن جون تقريرون جاري آهن، پاڪستان جي هر ش??ص کي فخر هجڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان مسلمان امت جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وار?? ڪانفرنس جاري آهي، ڪانفرنس ۾ اٽڪل 32 پرڏيهي وزير ۽ 700 کان وڌيڪ نمائندا شريڪ آهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ نمائندا اسان جي سياسي حالتن کي نظرانداز ڪري آيا آهن جيڪي پاڪستان جي لاءِ عزت جو سبب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير م??الف ڌر پارٽين خاص طور تي انهن ماڻهن جن ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، کي خصوصي مبارڪباد ڏيندي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن وار?? ڪانفرنس ڪاميابي سان جاري آهي.