اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪل??ر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ??يو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جي??ي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪل??ر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ??يو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سا??ن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.