اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي لاس اينجلس ۾ مقرر پاڪستاني قونصل جنرل عبدالجبار ميمڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش?? چيو آهي ته عبدالجبار ميمڻ هڪ مڃيل سفارتڪار هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي سفارتي خدمتن تي خراج تحسين پيش ??يو ۽ سندس وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير مرحوم سينئر سفارتڪار جي مغفرت ۽ گهرو??رن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.