اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آهي ته سفارتي خط پاڪستا?? جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مو?? جيڪ?? ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پاڪستا?? جي وزيراعظم عمران خا?? جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مو?? جيڪ?? ڪجهه ڪيو اهو ه?? محب وطن پاڪستا?? جي حيثيت ۽ قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هي خط پاڪستا?? جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اس?? قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پاڪستا?? جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مو?? جيڪ?? ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.