اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين ۽ قانون موجب هلنداسين ته ملڪ اڳتي وڌندو، اسان کي انتشار ۽ ورڇ جي سازش کي روڪڻ ۽ ملڪ کي پرامن ۽ خوشحالي بڻائڻو آهي، سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بخوبي انج??م ڏنو آهي، سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪار آئين ۽ قانون تحت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار چڱي طرح نڀايو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ريڊ زون جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف به ساڻس گڏ هو. وزيراعظم سيڪيورٽي ??هلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فرضن جي بهترين انجام دهي تي خراج تحيسن پيش ڪيو ۽ سيڪيورٽي مقرر اهلڪارن جي جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪارن آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانج??م ڏنا آهن. اهو قومي فرض آهي، ملڪ اسان ??ڀني جو آهي، قوم به اها ئي اميد ڪري ٿي ته ذاتي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري آئين ۽ قانون موجب هلنداسين ته ملڪ ترقي، خوشحالي، اتفاق طرف وڌندو، وزيراعظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ملڪ جي مفاد لاءِ آئين ۽ قانون جو رستو وٺندي سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪارن پنهنجا فرض سرانج??م ڏنا آهن، اهو ئي قائداعظم جو خواب هو، اسان ??ڀني کي گڏجي ايثار، قرباني، حب الوطني جي جذبي سان ملڪ کي تعمير ڪرڻو آهي ۽ نفرت کي ختم ڪرڻو آهي. محبت ۽ قومي جذبي کي فروغ ڏيڻو آهي، مشڪل حالتن ۾ سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪارن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو فرض چڱي طرح سرانج??م ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان ٺاهينداسين، وزيراعظم پاڪستان ??ينجرز، اسلام آباد پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ??ي 22 ڪروڙ عوام جون دعائون توهان ??ان گڏ آهن، اسان ??ي دعا آهي ته ملڪ امن ۽ خوشحالي، ترقي طرف وڌي، انتشار ۽ ويڇي کي اسان کي روڪڻو آهي، قوم جي اندر تقسيم در تقسيم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان ??ازش کي به اسان کي روڪڻو آهي، ان موقعي تي وزيراعظم سيڪيورٽي ??دارن جي اهلڪارن سان هٿ به ملايو ۽ پاڪستان ??نده باد جا نعرا به لڳايا.