اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ملتان جي فائر مين جي بيواهه کي منا??عي سان گڏ گروپ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر چيو آهي ته ملازم جون 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، بيواهه کي انشورنس جي انتظار ۾ 6 سال ٿي ويا رقم ناهي ملي، تڪليف ۽ اذيت کانسواءِ وقت سان گڏ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي ويندي، صدر ??فا??ي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان بيواهه کي منا??عي سان گڏ انشورنس جي رقم ادا ڪري، صدر ??فا??ي محتسب جي فيصلي خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر چيو ته 12 مارچ 2008ع تي لوڪل گ??رنمينٽ ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ گروپ انشورنس جو معاهدو ٿيو هو، پنجاب حڪومت جو 60 سال کان گهٽ عمر هر ملازم پريميم جي ادائيگي سان مشروط بيمه شده آهي، فوتي فائر مين سروس دوران پنهنجي بينادي پي اسڪل موجب مهينو پريميم به ادا ڪيو، بيواهه جي دعويٰ جي حق ۾ سڀئي گهربل دستاويز به موجود آهن، جڏهن ته ??فا??ي محتسب جي فيصلي خلاف فيصلي لاءِ ڪو ٺوس سبب موجود نه آهي، شڪايت ڪندڙ کي گروپ انشورنس معاهدي موجب انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميداري آهي.