اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان کان آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??ردار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ملڪ ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، ان سان ملاڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني واپارين جي تنظيم سيل??ڪو?? ويلي ڪيليفورنيا جي صدر جنيد قريشي سان ڳالهائيندي چئ??، جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ انڊسٽري ۽ پاڪستان ۾ آءِ ٽي/ آءِ ٽي اي ايس سيڪٽر جي اهميت ۽ ان کي 2.5 بلين ڊالر کان وڌائي 15 بلين ڊالر جي صنعت بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيل??ڪو?? ويلي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اهميت تي به روشني وڌي وئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پاڪستان جي ??ردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن جنيد قريشي جي به حوصلا ا??زائي ڪئي ته هو پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي فروغ ۾ حصو وجهي. جنيد قريشي ”ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان“ جي عالمي مهم کي به بحث هيٺ آندو ۽ ٻڌايو ته حڪومت جي لاءِ اهو ڪيترو ضروري آهي ته هو مارڪيٽنگ مهم ۾ سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪري ته جيئن عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل ڪيو وڃي. جنيد قريشي وزيراعظم کي سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي دوري دوران سيل??ڪو?? ويلي جو دورو ڪرڻ ۽ سيل??ڪو?? ويلي جي مشهور ترين ٽيڪ ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي ”ٽيڪ ڊسٽينييشن پاڪستان“ جي طور تي پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ آءِ ٽي پاليسين ۾ بهتري لاءِ تجويزون به عور هيٺ آيون، جن کي اختيار ڪرڻ سان ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي ترقي کي وڌيڪ سگهه ملي سگهي ٿي. ملاقات ۾ مائيڪرو ڊگرين ۽ مختص سرٽيفڪيٽ جي اهميت تي به خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته اهي نوجوانن کي آءِ ٽي انڊسٽري ۾ ڀرتي ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ ڪيترا فائديمند ٿي سگهن ٿا.