سکر – 12 – آگسٽ (اي پي پي) خيرپور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مر??زي تقريب ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس گرائونڊ خيرپور ۾ صبح 8 وڳي ٿيندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ اسڪائوٽس جا دستا قومي جهنڊي کي سلام پيش ڪندا، ان دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ڊي ??ي آفيس خيرپور ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، رينجرز، اي ڊي ??ي ون، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ريڊيو پاڪستان، ميونسپل ڪميٽي، روٽري ڪلب، تعليم، صحت، روينيو، اسڪائوٽس، سماجي تنظيمن ۽ ٻيلي کاتي سم??ت ٻي?? کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي ??ي خيرپور آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن کي گلدستا، مـٺائي ۽ فروٽ ورهائڻ ۽ سينٽرل جيل ۾ قيدين جي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سڄ?? شهر ۾ صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.