ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي مزا?? قائد تي اعزازي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور محمد خالد هو. جاري پڌرائي موجب پاڪستان نيول اڪيدمي جي ڪيڊٽس ۽ پاڪ بحريه سيلرز جي دستن تي ٻڌل ڪيڊٽس اعزازي گارڊز جون ذميواري??ن سنڀاليون. پريڊ ڪمانڊر جا فرض ليفٽيننٽ ڪمانڊر سيد محمد دائود سرانجام ڏنا. پريڊ جي دوران خاص مهمان گارڊز جو م??ائنو ڪيو ۽ گارڊز پاران قائداعظم کي قومي سلام پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ خاص مهمان گارڊز مقرري جو حڪم ??نو. ان موقعي تي خاص مهمان ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيدمي ڪموڊور محمد خالد مزا?? قائد تي گلن جي چادر چڙهائي.