ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ض??بطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پهچند?? نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پهچند?? نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ت??جيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ه?? چيو ته ٻوڏ تي ض??بطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ض??ورت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.