اسلام آباد ?? 09 – س??پٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي مد?? جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضائي رابطي جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان ٽي امدادي اڏامون ??اڪ??تان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب انهن مان هڪ اڏام جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي ۽ ٻه اڏامون نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 29 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي ??اڪ??تان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.