نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي س??ير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي س??ير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الو??اع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏيل قومن جي س??ڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.