اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ ??ين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي مو??م اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن ??ين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ??ني. ان موقعي تي ??ين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفنگ ??ني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج ??ي قرض ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن هو پنهنج?? فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ڪئي وئي آهي.